ڪورونا ۽ برساتون: ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس ۽ برساتن سبب پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڊي جي ايڪسائز سنڌ شعيب صديقي موجب شهر ۾ پراپرٽي ٽيڪس تي 5 سيڪڙو ريبيٽ جي مدي ۾ ڏيڍ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت 30 سيپٽمبر کان وڌائي 15 نومبر تائين ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪورونا سبب ڪاروبار متاثر ٿيڻ کانپوءِ برسات سبب شهرين جي نقصان جي ڪري حڪومت پراپرٽي ٽيڪس ۾ رعايت جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.