محمد زبير، نواز شريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير کي نواز شريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب، محمد زبير کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جو ترجمان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هن ٻڌايو ته پارٽي جي مرڪزي ترجمان ۽ سينٽرل انفارميشن سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اسپوڪس پرسنز ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محسن رانجها، طلال چوڌري، عظميٰ بخاري ۽ عطاءُ الله تارڙ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.