پي ڊي ايم جو شيڊيول وري تبديل، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي تنظيمي ڍانچي ۽ جلسن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس احسن اقبال جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ تنظيمي ڍانچي ۽ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

اجلاس جي فيصلن موجب اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سينيئر نائب صدر ۽ شاهد خاقان عباسي سيڪريٽري جنرل هوندو، جڏهن ته اطلاعات سيڪريٽري عوامي نيشنل پارٽي جو ميان افتخار هوندو.

احسن اقبال نئين شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن جي شروعات 16 آڪٽوبر کان گوجرانوالا ۾ ٿيندي، جنهن کانپوءِ ٻيو جلسو 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندو.

هن ٻڌايو ته هاڻ ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جو جلسو 25 آڪٽوبر تي ٿيندو، جڏهن ته 22 نومبر تي پشاور، 30 نومبر تي ملتان ۽ 31 ڊسمبر تي لاهور ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو.

ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جو مقصد رڳو عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ اسان جو مطالبو آهي ته ملڪ آئين موجب هلي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.