نوابشاهه: ضياءُ الحسن لنجار تي ٿيل حملي خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

نوابشاھ  ۾ اڳوڻي صوبائي  وزير قانون ۽ ميمبر سنڌ بار ڪائونسل  ضياءُ الحسن لنجار تي ٿيل حملي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سکر ڊويزن ۾ عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو ، ان موقعي تي نوابشاھ  ڊسٽرڪٽ  بار جي صدر چوڌري محمد علي علي رضا چنا ،جي ايم خاصخيلي  ظھير عباس زرداري جو چوڻ هو  ته ضياءُ الحسن لنجار مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هو هر ڏکئي موڙ تي ضيا ۽ الحسن لنجار سان گڏ آھن ،  ھنن مطالبو ڪيو ته ضيا۽ الحسن لنجار مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ـ

رپورٽ- رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.