کپرو لڳ ڳوٺاڻن  پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف مظاهرو  

کپرو لڳ ڳوٺاڻن  پاران ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڳوٺاڻن محمدشريف شر. اسماعيل گجو. محمد يوسف شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿونگو کپرو روڊ تي گڏ ٿي سخت نعري بازي ، ان موقعي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته  گزريل برساتن جو پاڻي ڏيڍ مهينو گزرڻ بعد به انهن جي گهرن ۽ ٻنين ۾ بيٺل آھي جيڪو اڃان تائين نه ڪڍرايو ويو آهي

هنن ڊي سي سانگهڙ کي چتاءُ ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر انهن جي ڳوٺن ۽ زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته سندس آفيس اڳيان بک هڙتال ڪئمپ لڳائي ويندي

رپورٽ- عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.