ڪيپٽن (ر) صفدر جي حفاظتي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي غداري ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت 10 آڪٽوبر تائين منظور ڪري ورتي.

جسٽس اسجد جاويد گهرال لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر طرفان داخل حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف گوجرانوالا پوليس بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن جو مقصد سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ آهي.

هن چيو ته مان جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو، اپيل ته عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪري.

عدالت ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت منظور ڪندي کيس جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.