نواز شريف جي تقريرن تي پابنديءَ جي درخواست خارج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقريرن تي پابندي جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 5 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سياسي مواد بابت معاملن کي عدالت ۾ آڻڻ عوامي مفاد ۾ ناهي، اهڙي قسم جي درخواستن لاءِ متبادل فورم موجود آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار مطمئن نه ڪري سگهيو ته نواز شريف جي تقرير ان جا ڪهڙا حق متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي سيڪيورٽي ڪمزور ناهي، نه ان کي سياسي بيان بازي مان خطرو آهي، پاڪستان جي سلامتي جو دارومدار عدالت طرفان رٽ جاري ڪرڻ تي ناهي، پاڪستان جي سلامتي کي خطرن جا خدشا درخواست گذار جي غلط فهمي جو نتيجو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب سياسي نوعيت جون پٽيشنز انصاف جي نظام ۽ عدالتن کي تڪراري بڻائن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.