آصف زرداري تي وڌيڪ ٻن نيب ريفرنسن ۾ فرد جرم لاڳو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي وڌيڪ ٻن نيب ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پارڪ لين ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ آصف زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو.

جج اعظم خان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جتي آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن جي حاضري لڳرائي وئي، جڏهن ته گذريل ٻڌڻي تي غير حاضر جوابدار شير علي به عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن کي پارڪ لين ۽ ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس جي چارج شيٽ ڏني وئي، جڏهن ته جوابدارن کي فرد جرم جي ڪاپي به فراهم ڪئي وئي.

عدالت اڳوڻي صدر تي پارڪ لين ۽ ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻنهي ريفرنسز ۾ ڪُل 15 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

آصف زرداري فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ نيب کي 20 آڪٽوبر ۽ ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ 21 آڪٽوبر تي شاهد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ 28 سيپٽمبر تي به احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.