آئين ۽ ڪشمير جي سودي تي ڳالهائڻ بغاوت آهي ته هر ڏينهن ٿيندي: ن ليگ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ن ليگ اڳواڻن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آئين جي ڳالهه ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جيڪڏهن بغاوت آهي ته هر ڏينهن بغاوت ٿيندي.

اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته لاهور جي شاهدره ٿاڻي ۾ اڄ شهري بدر رشيد ملڪ جي اڳوڻن وزيراعظمن، اڳوڻن وفاقي وزير ۽ اڳوڻي گورنر خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرايو، جيڪڏهن وفاقي وزيرن ۾ همت آهي ته بدر رشيد جو سهارو نه وٺن پاڻ سامهون اچن، گهرو وزير پنهنجي نالي سان ڪيس داخل ڪرائي، ن ليگ انهن ڪيسن کي منهن ڏيندي.

هن چيو ته جيڪڏهن آئين جي ڳالهه ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ بغاوت آهي ته هر ڏينهن بغاوت ٿيندي، پنهنجي حق لاءِ ڳالهه ڪرڻ بغاوت آهي ته ٿيندي، جيڪڏهن حڪومت کي گهر موڪلڻ جي ڳالهه ڪرڻ غداري آهي ته هر ڏينهن اها بغاوت ٿيندي، سي پيڪ تي ڳالهائڻ، ملڪ خلاف سازش کي بي نقاب ڪرڻ، ڪشمير جي سودي تي ڳالهائڻ بغاوت آهي ته هر ڏينهن اها بغاوت ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪارڪردگي سان ڳالهائيندي آهي گارين سان نه، وفاقي وزيرن کي چوندس سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻو اٿَو ته اچو، همت اٿو ته هٿڪڙي هڻو، ڪيس عوام سامهون هلايو، ن ليگ حاضر آهي، اڄ حڪومت کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت هو، ٻڌائن ها ته ملڪ لاءِ ڇا ڇا ڪيو سين، ڇا ڪنهن وزير اٽو، کنڊ مهانگي ٿيڻ، ڪرپشن ۽ بيروزگاري تي ڳالهايو، شايد سڀ عوامي مسئلا ختم ٿي ويا آهن، تنهن ڪري وفاقي وزير 4، 5 ڏينهن کان رڳو پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته جڏهن جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هجي ته بغاوت جو الزام هنيو ويندو آهي، اڃا مسئلو شروع ئي نه ٿيو ۽ بغاوت جو پرچو داخل ٿي ويو، توهان اڄ سياست ۾ غداري آندي آهي، اڄ معاملو شروع ئي نه ٿيو ۽ حڪومت آخري حربو استعمال ڪيو.

ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته اڄ امن ۽ سڪون جي زندگي گذاريندڙ هر پاڪستاني ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ٺاهيندڙ ڪير آهن، اهي ماڻهو جن پاڪستان کي تعمير ڪيو، ملڪ کي بجلي بحران مان ڪڍيو، سي پيڪ منصوبو آندو، روڊ ۽ موٽر وي ٺهرايا، معيشت کي 3 سيڪڙو کان 5.8 سيڪڙو تائين آندو اهي غدار آهن ۽ جن معيشت کي 5.8 کان ناڪاري گروٿ ريٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ سي پيڪ جهڙي منصوبي کي واپس پوئتي ڪري ڇڏيو اهي وري حب الوطن آهن، اها راند نه هلندي.

سندس چوڻ هو ته جيڪو به شخص پاڪستان جي آئين سان هٿ چراند ڪندو، ان خلاف جنگ ڪنداسين، ڇو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو مقصد ئي ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.