نيب مولانا فضل الرحمان خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب خيبر پختونخواهه طرفان ڪجهه ڪيس پيش ڪيا ويا.

نيب چيئرمين جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت ڪيس جي انڪوائري جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر، امير مقام ۽ شير اعظم وزير خلاف به انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ نيب مالم جبه ڪيس جي حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.