آريجن لڳ جهيڙيندڙ ڌرين کي اڳرائي نه ڪرڻ جي هدايت

خير محمد آريجا (ن ع آ) تعلقي ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ فتح پور ۽ گاجيديري جا رهواسي آريجا برادري جي احمد علي آريجو محمد علي آريجو ۽ ٻگهيا برادري جي محمد پريل ٻگهيو صبحان ٻگهيو جي ٻنهي ڌرين جي اٽڪل 40 ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار هلندڙ هو ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان هوائي فائرنگ جو سلسلو به هلندڙ هو ٻئي ڌريون مورچا بند هيون گذريل ڏينهن تڪ جي ايم اي سردار حزب اللّٰه خان ٻگهيو ٻنهي ڌرين جو نئين گڏ ٻگهيا هائوس تي فيصلو ٿيو جنهن ۾ پ پ اڳواڻ طارق انور خان سيال سرادر علي ڏنو خان گاڏهي نظير احمد خان ٻگهيو امر خان ٻگهيو انجنيئر سيد شفقت حسين شاھ پ پ اڳواڻ سيد هدايت اللّٰه شاھ حزب اللّٰه آريجو طحہٰ عرف سني آريجو سردار محسن خان آريجو عدنان خان آريجو فيض محمد آريجو عابد حسين ٻگهيو ارشاد خان ٻگهيو محمد نواز ٻگهيو غلام عمر آريجو ۽ ٻيا ٻنهي برادرين جا ماڻهو شريڪ ٿيا ٻگهيا برادري ڏانهن مشير  عابد حسين ٻگهيو سونو خان ڀاڳت کي مقرر ڪيو ويو. ۽ آريجا برادري ڏانهن مشير ڊاڪٽر فياض حسين پيرزادو نظر محمد گاڏهي کي مقرر ڪيو ويو سردار حزب اللّٰه خان ٻگهيو ۽ ٻنهي ڌرين جي مشير وڏي جڳھ جڳان بعد سردار حزب اللّٰه خان ٻگهيو ٻنهي ڌرين کي پابند ڪيو ته ڌريون مورچا خالي ڪن ۽ هرڪو پنهنجي گهر ۾ وڃي رهي ڪير به ڪنهن سان اڳرائي نه ڪري مان اي سي ڏوڪري کي پابند ڪيان ٿو ته توهان ٻنهي ڌرين جو سمورو رڪارڊ چيڪ ڪندو ۽ باقي رهيل ڳالهين جي فتويٰ بعد ۾ ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ڌريون انهن ڳالهين تي متفق ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.