پني عاقل ۾ گهڻا اڏڻ هئڻ سبب مسافر پريشان

پنوعاقل (ن ع آ)پنوعاقل ٽائون شھر ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر گاڏين جا اڏا قائم،شھرن توڙي ڳوٺن ڏانھون سفر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻھون پريشان،ھڪ اڏو نه ھجڻ ڪري علائقي جي ماڻھن پاران ايڊمسٽريٽر کان گھر ڪئي آھي ته ڀٽا فروٽ فارم لڳ پيرواھ ۽ قومي شاھراھ جي وچ ۾ پيل سرڪاري خالي پلاٽ جنگشن اڏو ٺاھيو وڃي،خبرموجب؛ٽائون ڪاميٽي شھر جي سڌوجا  اندر ۽ ٻاھر،چونگھا ۽ بائيجي چوڪ تي 4 بسين جا اڏا جڏھن ته پريس ڪلب آڏو 2 ، عنايت  ڳوٺ روڊ ۽ نور مسجد ڀرسان 4 ٽيڪسي اسٽينڊ،دعا چوڪ وٽ ڊاڪسن ۽ سوزڪي جو اڏو،عيد گاھ چوڪ وٽ مني بسيون،سوزڪيون ۽ ڊاڪسن،واگھو  پيٽرول آڏو سلطانپور سوزڪين جو اڏو،بائيجي چوڪ کان نوراجا موٽرسائيڪلن سميت  10 کان وڌيڪ مسافر اڏا قائم آھن،جتي اسٽاٽر بس،ڪوچ،ويگن ،ڪار،سوزڪي،ڊاڪسن ۽ موٽر سائيڪلن ذريعي سنڌ پنجاب ڪراچي کان لاھور توڙي سلطانپور،ٺڪراٺو،دادلوءُ،چيچڙو ۽ چونگھا،ھنڱورو،نرڇ،سانگي،ڪوٺي سميت ننڍن وڏن شھر ڏانھون سواري حاصل ڪرڻ لاءِ سوين ملازم شھر جي مختلف ھنڌن تي ڌڪا  کائيندي نظر پيا اچن،ان ڏس ۾ ھتان جي سياسي سماجي شھري واپاري ۽ سڄاڻ اڳواڻن حاجي ميان فضل اللھ سومرو،مولوي علي اڪبر ڪلھوڙو،شاھد خان سوھو،فدا حسين سومرو،فرحان خان ڌاريجو،ڪامريڊ مجيب الرحمان ڀٽو ۽ ٻين ايڊمسٽريٽر پنوعاقل آغا مولاداد  دراني کان گھر ڪئي آھي ته شھر لڳ پاڪستان ھوٽل ڀرسان جي ٽي روڊ لڳ پيل سرڪاري پلاٽ تي جنگشن مسافر گاڏين جو اڏو قائم ڪري سڀ گاڏيون ھڪ ھنڌ بيھاري مسافرن جي بئچني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.