رتيديري ۾ شهرين جو ترقياتي ڪمن لاءِ احتجاج

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو شهر جي بينظير ڪالوني جي رهواسين پاران محلي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو محلي واسي نعريبازي ڪندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي مظاهرين پاران ڌرڻو پڻ هنيو ويو ان موقعي تي عبدالغفار جويو ، عبدالنبي ، عرس تونيو ، علي گوهر ، عدل سناڻي ، حاجي گل حسن جويو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو محلو شهر جو قديمي محلو آهي پر محلي ۾ ويهن ورهين کان وٺي ڪو به ترقيتي ڪم نه ٿيو آهي ۽ اسان جي محلي کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي  جنهن ڪري محلي واسين کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو هنن چيو ته محلي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءَ اسان کي آسرا ۽ دلاسا ته ملندا آهن پر ڪم ڪو به نه  ٿيندو آهي محلي جي گھٽين ۾ فرش بندي نه آهي. جڏهن ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ به ڪي بندو بنست ٿيل ناهن نيڪال وارو سسٽم نه هجڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي گھٽين ۾ بيٺل رهي ٿو جنهن سبب گندگي ٿيڻ ڪري بيماريون پڻ پيدا ٿين ٿيون .مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ووٽن وٺڻ  جي وقت ۾ هتان جي سياسي ماڻهن کي اسان غريب ماڻهو ياد ايندا آهيون پر ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ اهي هن طرف اچڻ به پسند ڪونه ڪندا آهن مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي محلي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن ۽ محلي اندر پکڙيل گندگي جي آزار مان اسان جي جان آجي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.