سجاول ۾ ايس ايس پي سهائي ٽالپر جي مان ۾ الوداعي تقريب، ڀيٽا پيش

سجاول (ڊ ر)  سي ايس ايس جي  امتحان ۾ سوڀ ماڻي ايس ايس  پي ٿيندڙ سھائي عزيز ٽالپر کي سجاول مان بدلي ٿيڻ تي سندس مان ۾ ايس پي آفيس ۾ ھڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ سوين شھرين،سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب  ڪندي ايس پي سھائي عزيز چيو تہ بدليون ۽ مقرريون سرڪاري ملازمت ۾ معمول جو حصو آھن. سجاول جي ماڻھن مان مليل موٽ  ڏسي خوشي محسوس ڪري رھي آھيان. ھن چيو ته  وس آھر ضلعي جي ماڻھن جي خدمت ڪئي،تقريب جي آخر ۾ ايس پي  کي شھرين  اجرڪن ۽ گلدستن جا تحفا پيش ڪري الوداع ڪيو.ٻئي پاسي ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي بدلي ٿيڻ تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته   سھائي عزيز جي ايس پي سجاول طور مقرري دوران نياڻين ۾ بہ تعليم پرائي ھن وانگر ڪنھن مقام تي پھچڻ جو اتساھ پيدا ٿيو آھي.ھنن  مطالبو ڪيو ته  ايس پي سھائي عزيز ٽالپر جي بدلي روڪي وڃي.

ملڪ برادري جي ڀلائي لاءِ جدوجهد جاري رهندي:رضوان الحق ملڪ

 

اوٻاوڙو (ت ر) اوٻاوڙو ۾ فلاحي تنظيم رضوان الحق الحق ۽ ملڪ سليم جي رھائش تي پھتا جتي ملڪ برادري ان جو پرجوش استقبال ڪيو جنھن ۾ انسان دوست فائونڊيشن جي چئرمين ۽ مجلس عاملا سنڌ جي صدر ملڪ خان محمد ۽ ملڪ  فيڊريشنن سنڌ جي صدرحاجي ممتاز ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا ملڪ محمد سليم حاجي محمد رفيق ملڪ آيل مھمان کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ۽ مھمانن لاء لنگر بندوبست ڪيو ويو ان موقعي تي باني ملڪ فلاحي تنظيم رضوان الحق صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ برادري فلاح و بھبود لاء ڪنھن به قسم جي قرباني ڏيڻ لاء تيار آھي جيترو ٿي سگھيو برادري لاء مدد جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. ملڪ ھائوس ۾ ملڪ بردري جي ماڻھن وڏي انگ شرڪت ڪئي برادري ماڻھن ملڪ رضوان الحق کي اھڙي يقين دھاني ڪرائڻ تي خوشي پڻ اظھار ڪيو. پنھنجي اڳواڻ جو شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي ملڪ سليم آيل مھانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان ھر قدم تي تي ملڪ برادري سان گڏ آھيان ۽ مان پنھنجي زندگي ملڪ برادري جي ڀلائي وقف ڪندس ڏک سک ۾ منھنجا دروازا کليل آھن ۽آخر ۾ پاڪ فوج ۽ ملڪ جي سلامتي لاء دعا خير گھري وئي.

ميرپور ماٿيلي ۾ لغاري اتحاد جي گڏجاڻي، مختلف معاملن تي غور

 

ميرپور ماٿيلو (ت ر) اتحاد ويلفيئر اسوسيئشن پاڪستان پاران ميرپور ماٿيلو ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي کان اڳ فوت ٿيل مولانا سلطان احمد لغاري جي وفات تي سندس مولانا محمد اسحاق لغاري، محمد ابراهيم لغاري سان پُڻ تعزيت ڪئي، ان موقعي تي لغاري اتحاد ويلفيئر اسوسيئشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر برڪت علي لغاري، مرڪزي چيئرمين مير امداد خان لغاري، بشير احمد لغاري پنجاب جي خير بخش لغاري، محمد الياس لغاري، محبوب خان لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته لغاري اتحاد غريبن جو اتحاد آهي، هن پليٽ فارم تي هر حال ۾ غريبن سان گڏ آهيون، اسان هن اتحاد جي پليٽ فارم تي بنا ڪنهن فرق جي غريبن جي خدمت ڪندا سون، اسان غريب ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ۽ اڳتي به بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندا سون، ڇو ته اسان جي اتحاد جي ٺاهڻ جو مقصد به اهو آهي ته لغاري قوم کي متحد ڪري کيس هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندا سون.. ۽ هر محاذ تي غريبن جو ساٿ ڏيندا سون…

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.