ٻيلي کاتي جا ملازم حقن کان محروم، سکر ۾ احتجاج

سکر( رپورٽر) سنڌ فاريسٽ ويلفيئر ايسوسئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاء ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهرين پگهارون آن لائين ڪرڻ۔ اپگريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، اعلانيل سوسائٽي ۾ ملازمن کي قبضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو۔ ملڪ جي ٻين صوبن جيان ٻيلي کاتي جي ملازمن کي به ترقيون ڏنيون وڃن۔ ملازم اڳواڻ شمس کوسو جو چوڻ ھو ته ٻين صوبن ۾ فاريسٽر 11 گريڊ ۽ سنڌ ۾ 7 گريڊ ۾ آهي ڊپٽي رينجر سنڌ ۾ 9 گريڊ ۾ ڪم ڪري پيو ۽ ٻين صوبن ۾ 14 هين گريڊ ۾ آهن، اڳواڻن چيو ته  جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪافي ڀيرا اختيارين وٽ دانهيو آهي پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو فاريسٽ ورڪرز ايسوئيشن ضلعي صدر رحيم بخش چاچڙ، جنرل سيڪريٽري طفيل انصاري، سعيد کوسو، محسن ملڪ، ياسر ماڪو، ممتاز چاچڙ، فياض ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن اسان جي جائز مطالبن تي عمل نه ٿيو  ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.