ڀنڀور جي ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو، ڌاٻيجي ۾ احتجاج

ڌاٻيجي (ن ع آ) يوسي ڀنڀور جي ڳوٺاڻن جو گذريل 20ڏينهن کان پئيڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن ٻاهران احتجاجي مظاهرو انهي موقعي ڳوٺاڻن غفور بلوچ ،شيرو ملاح ،ڪاڪا مينڌرو ،صدام ڪڇي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته گذريل 20ڏينهن کان اسان جي ڳوٺن محمد هاشم ميندرو ،ڇڇر ملاح ،رحيم شورو ،جانو شيخ ،دوست محمد زنگياڻي سميت پئيڻ جو پاڻي نٿو ملي جنهن سبب اسين سخت اذيت واري زندگي گهارڻ ۽ ٽينڪر مافيا کان منگهي اگھ ۾ پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا هنن وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو ته اسان جي پئيڻ جي مين لائن مان مقامي انتظاميا ڪڪڙن جي فارمن ،زرعي زمينن،فارم هاوسن ،سميت بااثرن کي غير قانوني ڪنيڪشن ڏي ڪري جتان ماهوار لکين روپيا وصول ڪن ٿا، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ واور ناهي، نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.