مٺي ۾ تعليم کاتي جي ملازمن جو اين جي اوز ۾ به ڪم ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪ طرف تعليم تباهي ڪناري پهتل آهي ته اتي تعليم کاتو پاڻ هٿ وٺي تعليم جي تباهي ۾ رڌل آهي، انهي سلسلي ۾ ٿر جي تعليم کاتي جا ڪترائي استاد جيڪو اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙو انڪشاف ٿيو آهي، غيرسرڪاري اين جي اوز ۾ سرڪاري ملازم جيڪو ڪم ڪري ڊبل نوڪريون ڪري رهيا آهن، ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي،ڏيپلو،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ننگرپارڪر،ڏاهلي،ڪلوئي ۾ ڪيترائي تعليم کاتي جا استاد جيڪو اين جي اوز ۾ ڪم ڪري ڊبل پگهارون کڻي رهيا آهن انهن خلاف تعليم کاتي ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي،ذريعن کان مليل رپورٽن.موجب ته اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم جيڪي بااثرن جي آشيرواد سميت آفيسرن کي رشوت ڏيئي اين جي اوزن ۾ ڪم ڪري معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ڪري رهيا آهن،جيڪو اسڪول وڃڻ بدران اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن،سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ تعليم کي سڌارڻ جون دعوائون ته ڪيون ٿيون وڃن ۽ اسڪولون کولي تعليم عام ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي پر اهو پنهنجن سرڪاري استادن خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري جيڪو سرڪاري پگهارون کڻڻ باوجود ڊبل نوڪريون ڪري رهيا آهن،سيڪريٽري تعليم جيڪو تازو ٿر جو دورو ڪري ويو آهي پر انهي به اهڙي معاملي طرف ڌيان ناهي ڏنو،چيف سيڪريٽري پڻ ٿر ۾ لٿل آهي پر انهي به ڪو ڌيان ناهي ڏنو، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته جيڪي استاد اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن اهي سياسي طور طاقتور هجڻ ڪري تعليم کاتي جا آفيسر به ڪاروائي کان لنوائي رهيا آهن،ڪافي استاد وڏي عرصي کان سرڪاري نوڪري هوندي به اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن مان ڪافي هاڻي رٽائيرٽمينٽ جي ويجهو پهچي ويا آهن پر اسڪولن جو ڪڏهن منهن به ناهي ڏٺو،تعليم کاتي جي اهڙي خاموشي تي به عوام حيران آهي،انهي کانسواءِ تعليم کاتي کانسواءِ به ڪافي سرڪاري کاتن جا ملازم به اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.