ڪنڌڪوٽ ۾ باگڙي برادري جو زمين جو کاتو نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ليڪ ويو پارڪ لڳ مهراج ڪالوني جي رهواسين مهراج باگڙي برادري جي ماڻهن  معصوم ٻارن عورتن سان گڏجي ڪري ميڊيا جي آڏو مٺو مل مهراج، نارو مل، گنجو مل، پورڻ  داس، پنهو مهراج، گرمگ داس، جوڳي، سرور سنگهه، سري چند، باديو، شيرو سينو سنگهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  هٿن ۾  پلي ڪارڊ کڻي خريد ڪيل زمين جو کاتو نه ملڻ  تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن  چيو ته ڪيترائي سال اڳ اسان پنهنجي رهائش جي لاء اٽڪل 5 ايڪڙ زمين بااثر  کان خريد ڪري زمين جي مڪمل رقم ادا ڪئي جنهن جا سمورا دستاويز پڻ  موجود آهن جنهن بعد بليڪ ميل ڪري اسان کي زمين جي رقم کان به وڌيڪ رقم وٺي وڃڻ  بعد به اڃا تائين کاتو نه ڏنو آهي، هاڻي کاتو گهرڻ  تي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن،  ڪيردانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو  ڪيو ته نوٽيس وٺي زمين جو کاتو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.