پ پ عوامي پارٽي آهي عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا: مسرت رفيق مهيسر

فريد آباد ( ن ع آ ) پ پ ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر ميھڙ تڪ جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو ـ جنھن ۾ فريدآباد  لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ نيشنل پريس ڪلب فريدآباد  جي صدر احمدعلي چانڊيو جو چاچو ۽ پ پ اڳواڻ نظيرحسين چانڊيو  جي والد ڪمدار امير بخش چانڊيو جي وفات تي تعزيت ڪئي ـ جڏھن  ته ساڳي ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ اڳوڻو ڪائونسلر ولي محمد چانڊيو جي وفات تي سندس جي فرزند عنايت حسين چانڊيو فقير رستم چانڊيو  سان تعزيت ڪئي ـ جڏهن ته ڳوٺ ھيٺين اکڪڍائي ۾ پ پ اڳواڻ رئيس مينھون خان خاصخيلي سان چاچي احمد خان خاصخيلي جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي ـ ان موقعي تي پ پ ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا ـ ھن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو ـ جيڪو  ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪندوـ ھن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي سازش سٽي رھيو آهي ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ رھندي عورتن جي ڀلائي ترقي ۽ تبديلي لاءِ  آواز اٿاريندي رھندي آهيان عوام سان ڏک سک ۾ گڏ آھيان .

جڏهن ته ڳوٺ مٿيئن اکڪڍائي بوائز اسڪول جي بلڊنگ جو تعميراتي ڪم ڪرائڻ لاء اعلان ڪيو  ـ جڏھن تـ پ پ يوسي فريدآباد جي صدر ذوالفقار علي ڪلھوڙو ـ حافظ غلام حيدر مهيسر ـ فقير سردار چانڊيو پ پ اڳواڻ غلام نبي مڱڻھار ـ بابر چانڊيو  ۽ ٻيا ساڻن گڏ ھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.