حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ جعفر خان جمالي جي رهواسين علائقي جي بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مسمات حسنه الزام هڻندي چيو ته سندس 12 سالا نياڻي فوزيه کي علائقي جي بااثر ماڻهن اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري ماري ڇڏيو، جڏهن ته پيارو لنڊ ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري. ھنن چيو تھ  نياڻي کي فوت ٿيندي 3 سال گذري ويا آهن پر نياڻي فوزيه جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هن الزام مڙھيو تھ جوابدار بااثر آهن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻي وڃون. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.