ٽنڊو غلام علي ۾ سماجي اڳواڻ راشن ورهايو

ٽنڊو غلام علي (ن ع آ ) تازين برساتن کان پوءِ  ٽنڊو غلام علي ۽ ڀرپاسي جي 15 کان وڌيڪ ڳوٺن  ڳوٺ محمد علي خاصخيلي، ڳوٺ تاج محمد شورو، ڳوٺ بکو احمداڻي، ڳوٺ غلام حيدر لنڊ، ڳوٺ ملوڪ خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن جي برسات متاثر عورتن ۽ مردن ۾ سماجي اڳواڻ آغا همايون خان دراني  آغا فارم هائوس تي 250 راشن جا ڪٽا ورهايا، ان موقعي تي برسات متاثرن گورنر لنڊ , جمعون , حاجن خاصخيلي, مولچند سامي, لڇمي ڪاريو, عاشي ڪاريو, امتي مينگهواڙ, رائسنگ ڪولهي ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتن ۾ گهر ڪري پيا ۽ اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان لڙهي ويا هئا ۽ پوکيل فصل ٻڏڻ ۽ مزدوري نه ملڻ ڪري  ٻارڙن سميت اڃان تائين فاڪه ڪشي ۾ مبتلا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.