سلطان ڪوٽ ۾ ٽرانسپورٽرن ۾ جھيڙو، صدمي ۾ عورت فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) همايون شريف ۾ قومي شاهراهه روڊ تي ويگن ڊرائيور عاشق علي کوهارو ۽ چانڊيا برادري جي نامعلوم  سوزوڪي ڊرائيور ۾ سواري کڻڻ تان تان جهيڙو، مسافرن وچ ۾ پئجي جهيڙو ٽاري ڇڏيو،  ڪجهه دير بعد هڪ ڀيرو ٻيهر چانڊيه برادري جو ويگن ڊرائيور عاشق علي کوهارو جي پاڙيسري جهانگير کوهارو تي تشدد، نوجوان جي تشدد جي خبر ملڻ تي صدمي ۾ سندس جي امڙ 45 ورهين جي زرينا زال محمد پريل کوهارو فوت ٿي وئي، ان حوالي سان متاثر نوجوان جي سئوٽ عامر کوهارو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو   ويگن ڊرائيور سان ڪوبه تعلق ڪونهي، هو فقط اسان جو پاڙيسري آهي، نوجوان جهانگير کوهارو بيمار ڀيڻ جي علاج لاءِ همايون شريف جي خانگي اسپتال مان دوا وٺڻ لاءِ آيو هو، جتي چانڊيه برادري جي ماڻهن مٿس سخت تشدد ڪيو آهي، جنهن جو اطلاع ملڻ تي صدمي ۾ نوجوان جهانگير کوهارو جي امڙ فوت ٿي وئي آهي.  ٻي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.