فريد آباد ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن ۽ ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

فريدآباد ( ن ع آ  ) فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ اڳواڻن  راجا مزمل خاصخيلي، حاجي خان خاصخيلي ، صفدر علي، نثار خاصخيلي، عارف عمر ۽  ٻين سنڌ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ ٻن ڀائرن امتياز ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ عوامي چونڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي، ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪوبه فرد يا ادارو قانون کان مٿانھون نه ھجڻ گھرجي، اسان سڀني تي قانون جي پاسداري عائد ٿئي ٿي، ملڪ جي قانون جو احترام ڪندي اسان جي بيگناھ ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ظاھر ڪيو وڃي، اسان کي پر امن احتجاج ڪندي 4  مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر  ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو آھي، هنن چيف جسٽس ۽ ٻيان اختيارين کان نوٽيس وٺي نوجوان بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.