سکر ۾ ڳوٺاڻن جو مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سکر  (رپورٽر)روهڙي شهر لڳ ديهه سعيد آباد جا پنج ڳتيل آبادي وارا  ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ احمد ڀٽو، لشڪري ميراڻي، ڳوٺ سکيو  ڀٽو، ڳوٺ باغائي ڀٽو ۽ ڳوٺ شمن مهيسر جي رهواسين نذير احمد ڀٽو، محمد رفيق سومرو، خالد حسين ڀٽو، محمد بلال ڀٽو، نديم ڀٽو، ڄام مير بحر، زبير احمد چاچڙ ۽ شاهزيب شيخ  ڳوٺن جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ سٺ سالن کان قائم آهن ۽ انهن جي آبادي پندره هزارن کان پڻ وڌيڪ آهي ، جڏهن ته  صوبائي وزير ٽرانسپورٽ  ايم پي اي سيد اويس قادر شاهه جو چونڊ تڪ  به آهي ۽ هتان  جي ماڻهن هميشه پيپلزپارتي  کي  ووٽ ڏنو آهي، پر ڳوٺن ۾ هيل تائين ڪنهن به قسم جون بنيادي سهولتون ناهن ڏنيون ويون، 2015 ۾  پاڻي نيڪال لاءِ وڏي  نالي  جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ ڳوٺاڻن کي دلاسو ڏنو ته  سندن ڳوٺن جو گندو پاڻي ڪڍڻ لاءِ موثر انتظام ڪيو  ويندو،ان ڏس ۾ ڳوٺ جي معززين ڪيترائي ڀيرا سيد اويس قادر شاهه سان ملاقاتوڻ پڻ ڪيون پر هيل تائين پاڻي نيڪال جو اهم  ترين نالو نه بڻجي سگهيو ۽  حالت اها   ته روهڙي کي ملائيندڙ  واحد رستو گندو پاڻي  بيهڻ سبب مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي.  جنهن سبب شهر وڃڻ سميت ٻارن کي اسڪول، نمازين کي مسجد  ۽ نوجوانن جو  ويجهي اسپورٽس ڪمپليڪس وڃڻ پڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مسلسل گندو پاڻي  رهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.  ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته  هو هميشه کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا آيا پر 12 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي جي چونڊيل نمائندن پاڻي نيڪال جي اهم ترين نالي سميت  ڳوٺ جي مسئلن تي ڌيان ناهي ڏنو، هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺندي پنجن ڳوٺن جي هزارين ماڻهن کي اذيت واري صورتحال کان نجات ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.