ڏهرڪي ۾ پگهار نه ملڻ سبب ٽائون ملازمن جو ڪم ڇڏ هڙتال

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي ٻن کان پگهار نه ملي سگهي آهي، ايڊمنسٽريٽر اسٽنٽ ڪمشنر رضوان نظير ۽ ٽائون آفيسر مقصود جتوئي طرفان ملازمن کي ٺلها آسرا ڏيڻ باوجود پگهارون نه ڪيون ويون آهن، مليل ڄاڻ مطابق ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي مداخلت تي 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سانڀا شروع ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ پڻ شروع ڪئي وئي آهي، ذريعن وٽان ڄاڻ مطابق پيپلز پارٽي اڳواڻ حاجي دادن خان مهر طرفان مهر گروپ سربراهه علي گوهر مهر جي حمايتي 14 ملازمن جنهن ۾ اشفاق مهر، شبير مهر، اعجاز مهر، عبدالرحيم، مهر، خالد مهر، جاويد لغاري، شوڪت علي مهر، منصور مهر، عبدالرشيد مهر، رانجهن مهر، ظهور مهر، آفتاب مهر، وزير احمد مهر، محمد حسين مهر جي پگهار بند ڪرڻ لاءِ ايدمنسٽر رضوان نظير کي لسٽ اماڻي ڇڏي آهي، هوڏانهن شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين ڏهرڪي طرفان ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ تي ڪم ڇڏ هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي،رابطي ڪرڻ تي صدر شفيق مسيع ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن کان ملازمن کي صرف ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن پر پگهار نه ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ملازمن کان سخت ڪم ڪرايو پيو وڃي، پگهارون نه ملڻ ڪري ملازم فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، هن کان علاوه ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ لاءِ لسٽون پڻ اماڻيون ويون آهن جيڪا ملازمن سان سراسر زيادتي آهي، هن کان علاوه ملازمن جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو جواز ڏئي نيڪالي ڏيڻ جي سازش رٿي وئي آهي جنهن کي ڪنهن صورت ۾ قبول ڪونه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن به ملازمن کي برطرف ڪيو ويو ته سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا، پگهارون نه هلڻ ڪري ملازمن ۾ بيچني ڦهلجي وئي آهي، هن ٻڌايو ته جيستائين ٽائون ملازمن کي واڌو ۽ ٻن مهينن جي پگهار نه ڏني ويندي تيستائين هڙتال جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.