گهوٽڪي پوليس هٿان نوجوان کنڀي گم، ٽارچر سيل ۾ تشدد، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي پوليس جو کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو , هر روز غريب ماڻهن کي کنڀي گم ڪري ٽارچر سيل ۾ تشدد جو نشانو بڻائي لکين رپيا رشوت وٺي آزاد ڪرڻ جو سلسلو  عام ڪري ڇڏيو , گهوٽڪي پوليس 10 ڏينهن پهرين گهوٽڪي جي عدالت ٻاهران نوجوان ممتاز پٽ الهوڌايو مهر کي کنڀي گم ڪري مختلف ٽارچر سيل ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو , ميڊيا جي ٽيم جڏهن ٿاڻي پهتي ته کنڀيل نوجوان ممتاز مهر داهون ڪندي چيو ته گهوٽڪي پوليس 10 ڏينهن پهرين عدالت ٻاهران کنڀي مختلف هندن تي رکي تشدد جو نشانو بڻايو هو مونکي هاف فرائي ڪرڻ چاهي ٿي مون سان انصاف ڪيو , جڏهن ته ان حوالي سان گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته نوجوان جي جاچ ڪيو پيا ته هو ڏوهاري آهي يا نه , هوڏانهن نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان گهوٽڪي پوليس بلاجواز کنڀيو آهي انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.