گهوٽڪي ۾ دوائن جي اگهه ۾ واڌ بعد اڻلڀ ٿي ويون، مريض پريشان

مومل جي ماڙي  ( رپورٽ : يونس ڀٽو )  گهوٽڪي ۾ دوائن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ادارا غير فعال هجڻ سبب دوائون اڻ لڀ ٿي  ويون، ميڊيڪل اسٽور وارن دوائون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن.گهوٽڪي ضلعي جي مختلف شهرن گهوٽڪي , ميرپورماٿيلو , ڏهرڪي , اوٻاوڙو , خانپور مهر , سرحد , عادلپور ۾ دوائن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو به اهڙو ادارو ڪونهي تنهنڪري ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪ پنهنجي من مستي ڪندي مهانگي اگهن تي دوائون وڪرو ڪري رهيا آهن پورا پئسه نه ڏيڻ وارن مريضن کي دوائون نٿيون ملن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪيتريون ئي دوائون ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن لڪائي ڇڏيون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ضلعي انتظاميا توڙي ڊرگ انسپيڪٽر جو ڪو به خوف نه آهي . جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ڊرگ انسپيڪٽر صرف ئي صرف منٿلي اوڳاڙڻ ۾ پورا آهن،  ٻئي طرف ذريعن کان اطلاع به مليا آهن ته ميڊيڪل اسٽورن تي ٻه نمبر جون دوائون عام جام ملي رهيون آهن، افسوس ته انهيءَ امر جو آهي ته ڊاڪٽر حضرات به ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن سان ٻيلي ٻڻيل آهن تنهنڪري مريضن لاءِ ڊاڪٽر به اهڙيون دوائون لکن ٿا جنهن سان مريضن کي ڪو به فائدو نٿو پوي ،ٻي طرف ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ميڊيڪل ريپ به ڊاڪٽرن کي وڏيون وڏيون ڪميشنون به ڏين پيا ۽ انهن کي پرڏيهي جا ٽوئر ڪرايا پياوڃن تنهنڪري ڊاڪٽر حضرات اهڙي قسم جون دوائون مريضن لاءِ لکي مريضن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ، ٻي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته  دوائون مقرر قيمت کان وڌيڪ اگهه تي وڪڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ گهوٽڪي ۾ مختلف علائقن خاص طور تي ٻهراڙي کان ايندڙ ماڻهو کان اسپتال ۾ قائم ميڊيڪل اسٽورن جي عملو پاران ڦرلٽ هلندڙ آهي،فليجل 500 ملي گرام واري انجيڪشن جي قيمت 136 رپيا 83 پئسا وصول ڪئي وئي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ان انجيڪشن جي قيمت 128 رپيا 62 پئسا آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.