ڏوڪري ڀرسان مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجي جي والد جو عرس مبارڪ

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٽڳڙ ۾ مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو جي والد مخدوم محمد قاسم جوڻيجو جو عرس مبارڪ ٿي گذريو عرس مبارڪ ۾ سوين جي  تعداد ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن  شرڪت ڪئي. ان ڏس ۾ گادي نشين قاضي نواب علي جوڻيجو، قاضي فياض حسين جوڻيجو، قاضي وحيد علي جوڻيجو، قاضي هدايت ﷲ، قاضي عبدالمجيد جوڻيجو، قاضي وحيد علي جوڻيجو ۽ ٻين پاران مخدوم محمد قاسم جوڻيجو جو عرس ڳوٺ ٽڳڙ شريف ۾ عقيدت احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مولوي احمد حسين چانڊيو حسيني جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مخدوم محمد قاسم جوڻيجو سڄي ڄمار خدا پاڪ ۽ ان جي رسول آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي دين جي خدمت ڪندي گذاري..  هن وڌيڪ چيو ته مخدوم محمد قاسم جوڻيجو مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو پيرالو واري جو والد آهي. هن وڌيڪ چيو ته خدا پاڪ پنهنجي پيارن مٿان رحمت جا ملائڪ موڪلندو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ﷲ ۽ ان جي رسول کي راضي ڪرڻ لاءِ آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي سنت مبارڪ تي هلڻ آهي.

ڀان ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي بک هڙتال

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد پبلڪ لائبريري ۾ ڪتابن ۽ اسٽاف جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻي ۽ بجلي ، لائيبريري ۾ صفائي نه ٿيڻ سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند خلاف اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي طرفان مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ نامياري اديب ڪامريڊ انور پنهور پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي شاگرد اڳواڻن سجاد شاهاڻي، حسنين جويو، مهراڻ لغاري، مير مرتضيٰ لغاري، پريل چنا، احسان عمراڻي، عبدالرحمان جمالي، مقبول شاهاڻي، ڪامريڊ شاهه محمد پنهور، سليم سولنگي پريس ڪلب ڀان جو صدر ذوالفقار مينگل ، اڪرم ميمڻ ، مظفر کوکر ، آصف ميمڻ ۽ ٻين چيو ته 5 سال اڳ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان پبلڪ لائبريري لاءِ جي عمارت جوڙائي وئي، 2 سالن کان عمارت کي تالا لڳل هئا، بار بار احتجاج ڪرڻ کان پوء هاڻي عمارت کولي ته وئي آهي،  پر افسوس لائيبريري ۾ نه ڪتاب آهن ۽ نه ئي اسٽاف آهي، لائيبري جي حالت اها آهي جو پيئڻ جو پاڻي ۽ بجلي به ڪونهي، لائيبريري ۾ مٽي جا ڏير نظر اچي رهيا آهن ،هنن مطالبو ڪيو ته لائبريري جا بنيادي مسئلا حل ڪري ان کي صبح جو 8 بجي کان رات جو 8 وڳي تائين کوليو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين سي ايم هائوس واهڙ آڏو بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪنداسين.

ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ جي شاگردن جي ٽيسٽ ورتي وئي

ڏوڪري (ت ر)گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي ڪلاس ڏھون اي جي ڪلاس ٽيچر عبدالغفور زهراڻيءَ پاران شاگردن  جي ٽيسٽ ورتي وئي. جنهن ۾ محمد اسلم سومري  پھرين، گل محمد ڪنڀر ٻي ۽ مصور ميمڻ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پوزيشن حاصل ڪندڙ توڙي نمايان مارڪون کڻندڙ شاگردن کي ھيڊماستر  نثار احمد سولنگي، آغا نويد سميجو، سيد افتخار علي شاھ،سونو خان جکرو، خليل الله ابڙو، محمد حيات سومرو، عبدالجبار ساريو ۽ محمد ياسين ڪنڀر ميڊل ۽ شيلڊز ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي محمد شريف ميمڻ، سائين  علي محمد پٺاڻ، راشد الرحمان جوڻيجو، اعجاز علي سوھو، رحيم بخش جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا. ھيڊماستر نثار احمد سولنگيءَ ۽ ٻين استادن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي واڌايون ڏنيون ۽ ڪلاس ٽيچر عبدالغفور زهراڻيءَ ۽ سندس شاگردن جي محنت واري جذبي جي بي پناھ ساراھ ڪئي ۽ سمورن شاگردن کي اڃا به وڌيڪ محنت ڪري ڪاميابيءَ جي اوچاين تائين پھچڻ جي تلقين ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.