گهوٽڪي ۾ آسا جي گڏجاڻي، مختلف معاملن تي غور ويچار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيشن (آسا)تعلقي گهوٽڪي جي گڏجاڻي انجم پري جي ڪلب تي زير صدارت  ضلعي صدر استاد صداقت علي پتافي جي ٿي .جنهن ۾ تعلقي گهوٽڪي جي فنڪارن ۽ سازندن سارنگ ڪلادي, انجم پري, نظام ٻرڙو , نواز عباسي ,لال بخش ٽڳڙ, يعقوب ميراڻي ,رشيد گهوٽو, اسحاق گهوٽو, احمد ڪلادي, مير محمد گهوٽو, الف گهوٽو, طالب منگي, منير سمون, مور سومرو ,منصور لطيف شاهاڻي شرڪت ڪئي. سمورن فنڪارن آسا جي ڪم کي ساراهيو ۽ ثقافت کاتي ڪرونا دوران ڏنل چيڪن تي اطمينان ڪيو ويو .ثقافت کاتي طرفان صحت ڪارڊ ۽ مستقل معاوضي جي اپيل ڪئي ويئي جيئن سيئنر ۽ بيمار فنڪارن جي ساهتا ڪئي وڃي.سمورن فنڪارن استاد عبدالغفور سومري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.