سلطان ڪوٽ ۾ پوليس جا ڇاپا، 25 شڪي گرفتار

سلطان ڪوٽ (ن ع آ)  ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ مبارڪ علي ملڪ ۽ ايس ايڇ او بادل پنھور جي اڳواڻي ۾ سلطان ڪوٽ، همايون شريف، ميان صاحب، لوڊرا ۽ جهان واهه ٿاڻن جي پوليس جو مشڪوڪ ۽ ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سلطان ڪوٽ جي مختلف هوٽلن تي ڇاپا هڻي 25 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ بادل علي پنهور ٻڌايو ته  روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هوٽلن تي ڇاپا هنيا آهن، رڪارڊ  چيڪ ڪرڻ بعد شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو.

سلطان ڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، جوا  الزام ۾ 30 ڄڻا گرفتار

ميان صاحب (ن ع آ)  سلطان ڪوٽ شهر ۾   ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ مبارڪ ملڪ جي اڳواڻي ۾ چئن کان مٿي ٿاڻن جي  پوليس موبائلن ۾ سوار اهلڪارن هوٽلن تي چڙهايون ڪيون جتان پوليس ڪرڪيٽ راند تي جوا کيڏَڻ جي الزام ۾ 30 نوجوانن کي سوگهو ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي پوليس موجب امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجھه شڪي گرفتار ڪيا  هئا جن جو رڪارڊ چيڪ ڪري ڇڏيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.