ٽنڊومستي ۾ چار ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جو مک جوابدار گرفتار

ٽنڊومستي (ن ع آ)ٽنڊو مستي ڀرسان چار ڏينهن اڳ ڳوٺ  سومر خان جلباڻي ۾ هٿياربند جي حملي ۾ قتل ٿيل نوجوان ڪاشف حسين جلباڻي جي قتل جي مک جوابدار کي اڪنامڪ زون پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽  مقتول نوجوان جي پئ جي فرياد تي قتل جو ڪيس گناهه نمبر 113 قلم302 _324_34ppc تحت چئن جوابدارن عارف ۔نظير احمد ۔عبدالغفور۔۽ وحيد علي سڀئي پٽ الاهي بخش جلباڻي جن تي ايف آء آر داخل ڪري ورتي ياد رهي ته نوجوان جي  قتل بعد جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هيا .

ڏوڪري ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن جو مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي،ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن تعلقي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ مرڪزي پريس سيڪريٽري  قاضي وسيم جوڻيجو، صدر تعلقي ڏوڪري عبدالغني ٿهيم، رحيم بخش جروار، عابد علي ابڙو، بخشل خان ٿهيم، محمد علي ڪنڀر، امتياز علي ميراڻي، رام لال راجپوت، مينهل خان جيسر، ارشاد علي جوڻيجو، غلام مصطفا جوڻيجو، اياز کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارا جهندا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته لوئر اسٽاف جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو، ڪلارڪ پروموشن ڏيو، فوتي ڪوٽا، 2007وارن کي رهيل سروس، وردي الائونس پگهار ۾ ضم ڪرڻ، هائوس رينٽ وڌايو ۽ لوئر اسٽاف جي ملازم کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران عوامي پارڪ لب گجرا واهه تي قبضي خلاف ريلي اڄ نڪرندي

نوابشاهه(ڊر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي نوابشاهه پاران عوامي پارڪ لب گجرا واهه تي ٿيل قبضي خلاف ضلعي پاران گل ھلندڙ تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ (اڄ) ترقي پسند ھائوس کان احتجاجي ريلي مرڪزي  وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي، سيد اطھر شاھه، نثار ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڊي سي آفيس سامھون ڌرڻو ھنيو ويندو.

باقراڻي جي مغيري برادري جو انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان

ڏوڪري (ت ر)باقراڻي تعلقي جي يونين ڪائونسل ماٽو جي ڳوٺ غلام محمد مغيري، شير علي مغيري، لطيف آباد ۽ مخلتف ڳوٺن جي مغيري برادري جي معززين برادري سميت پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري انڙ گروپ جي سرواڻ عادل الطاف حسين انڙ جي موجودگي ۾ انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، تقريب ڪوٺائي وئي ان ڏس يونين ڪائونسل ماٽو جي ڳوٺ غلام محمد مغيري، شير علي مغيري ۽ لطيف آباد جي مغيري برادري جي معززين حاجي محمد اسماعيل مغيري، محمد مٺل مغيري، محمد رمضان مغيري، ديدار علي مغيري، غلام علي مغيري، ڪريم بخش مغيري، شعبان مغيري، ﷲ بخش مغيري، محمد ابراهيم مغيري ۽ ٻين پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي کي ڇڏي انڙ گروپ جي عادل الطاف خان انڙ جي هٿ تي انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.

آل سنڌ روينيو ايمپلائيز طرفان 6 کان 25 آڪٽوبر تائين ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران اعلانيل احتجاج کي روڪڻ لاءِ اعليٰ آفيسر سرگرم ٿي ويا. آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن 12 نقاطي چارٽر  آف ڊيمانڊ جي منظور لاءِ پهرين مرحلي ۾ 6 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جنهن اعلان کانپوءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري بورڊ آف روينيو قمرالدين علوي آسرا جي مرڪزي صدر سڪندر بوزدار کي موبائل تي پيغام موڪليو آهي ته “اوهان تي سينيئر بورڊ آف روينيو ناراض آهي” ان ڪري اوهان نوڪري ڪيو ۽ خيال رکو. ان حوالي سان آسرا جي مرڪزي صدر سڪندر بوزدار ٻڌايو ته اسسٽنٽ سيڪريٽري روينيو، اعلى اختيارين ۽ آسرا يونين ۾ غلط فهميون پيدا ڪري بورڊ آف روينيو کي ميدان جنگ بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن ته انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بدران انتقامي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي تحريڪ رڪجندي نه 6 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين ڪم ڇڏ هڙتال ضرور ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.