جيڪب آباد لڳ پيرسن جو لاش هٿ، قتل جو الزام

جيڪب آباد( ڊ ر ) جيڪب آباد لڳ پيرسن ڳوٺاڻو مڇي ماريندي پير ترڪڻ سبب بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو اٺن ڪلاڪن بعد لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو وارثن کي قتل جو شڪ جيڪب آباد لڳ آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊاڪٽر ارشاد خان سرڪي جو رهواسي 55 ورهين جو پيرسن محمد اقبال سرڪي پنهنجي سالي يعقوب ڪوريجو سان گڏ ڳوٺ بنگلو سيدان وٽ بيگاري ڪئنال ۾ صبح جي وقت مڇي مارڻ لاء ويو ته پير ترڪڻ سبب هو بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو اطلاع تي مقامي ٽوٻا ۽ حد آباد ٿاڻي جي پوليس پهچي وئي اٺن ڪلاڪن جي سخت گولها بعد ڪجهه فاصلي تي پيرسن اقبال سرڪي جو لاش هٿ آيو جنهن کي پوليس پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال آندو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر موتي لعل هن جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ان موقعي تي فوتي جو ڀاء قربان سرڪي الزام مڙهيو ته منهنجي ڀاء سان گڏ سالو يعقوب ڪوريجو به ويل هو جنهن وقت هو بيگاري ۾ ٻڏي پيو ته هن جو سالي اسان کي اطلاع ته نه ڏنو موقعي تان رفو چڪر ٿي پيو ان مان شڪ وڌي ويا آهن جڏهن ته فوتي جي منهن نڪ مان رت جا چٽا نشان به آهن ڳوٺ جي چڱي مڙس ڊاڪٽر ارشاد احمد سرڪي ٻڌايو ته سالي جي موقعي تان غير موجودگي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي پوليس پوري جاچ ڪري حقيقت کي سامهون آڻي هوڏانهن فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻڌايو پيووڃي ته فوتي ٽي سال اڳ ڪوريجن مان شادي ڪئي ٻه ٻار به اٿس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.