سکر لڳ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

سکر(رپورٽر) سکر لڳ مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت 4 ڄڻا زخمي، خبرموجب سکر باءِ پاس واري علائقي ۾ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ 21 سالن جو نوجوان شاهد ولد شهزادو چوهاڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو آهي، هوڏانهن روهڙي جي علائقي پٽڻي ۾ تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 21 سالن جو غلام مصطفيٰ شيخ فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته سکر ملتان موٽروي تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ لاهور واسي مصطفيٰ سندس زال مبشرا پٽ ابراهيم ۽ يوسف زخمي ٿي پيا آهن جن کي علاج لاءِ تعقلي اسپتال روهڙي داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.