بهارو لڳ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جا گهر ڀاتي يرغمال، ڳوڙهاري زال اغوا

بهارو ( ن ع آ )  ڳوڙھاري زال واپس ڪرائي ڏيو 10 مھينا اڳ پسند پرڻو ڪندڙ مڙس جو احتجاج، ڳوٺ جاڙا کوھ واسي پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان وڪيل ڪلھوڙو پريس ڪلب بهارو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان  موقعي تي ھن دانھيندي چيو ته مون 10 مھينا اڳ عائشه ڪلھوڙو سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ناري جا وارث ڏمريل ھئا ۽ گذريل رات دير سان گهر ۾ گهڙي منهنجي زال کي سندس چاچا ۽ ڀائر اسان گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي کيس کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته منهنجي زال کي نائون مھينو اميد واري به ھئي مون کي خطرو آهي ته ڪٿي منهنجي زال کي قتل نه ڪري ڇڏين مون اھڙي دانھن بھارو ٿاڻي تي جمن ڪلھوڙو، انيس ڪلھوڙو سميت 7 جوابدارن خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي، مگر ھن مھل تائين منهنجي زال بازياب ناهي ٿي سگهي، ھن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد منهنجي زال کي بازياب ڪرائي سندس جي زندگي بچائي وڃي،ٻئي طرف بھارو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت کي بازياب ڪرائي خيرپور وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن کي صبح (اڄ) فيملي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.