ڄامشوري ۾ مخدوم جليل الزمان جي گرفتاري خلاف مظاهرو

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ مخدوم جليل الزمان جي گرفتار خلاف سروري جماعت جي ريلي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو، پ پ حيدر آباد جي اڳواڻن غلام نبي سمون، اياز سمون، شوڪت ڪاڪا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 2002ع جو پراڻو ۽ ڪوڙو ڪيس هينئر 2020ع ۾ ٻيهر کولي مخدوم خاندان خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ پيپلز پارٽي ڇڏڻ لاءِ پريشر وڌو پيو وڃي پر مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ جو ڪڏهن سوچي به نٿا سگهن هنن مطالبو ڪيو آهي ته مخدوم جليل الزمان تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.