ڊي سي گهوٽڪي موڪل تي روانو، چارج اي ڊي سي ون حوالي

گهوٽڪي(ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي خالد سليم موڪل تي روانو، اي ڊي سي ون محمد عثمان عبدالله کي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي اڳوڻو ڊي سي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم ٻاهرين ملڪ ڪورس جي لاءِ روانو ٿيڻ بعد اي ڊي سي ون محمد عثمان عبدالله کي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٺل ۾ سماجي اداري ايڪٽيڊ پاڪستان طرفان استادياڻين جي تربيت ٽريننگ

ٺل (ن ع آ)سماجي اداري ايڪٽيڊ پاڪستان طرفان استادياڻين جي تربيت ٽريننگ ٿي گذري. جنهن ۾ ڊپٽي ڊي او پرائمري فيميل آپا خيرالنساءَ، ايجوڪيشن آفيسر آپا عابده اعواڻ ۽ ايڪٽيڊ  پاڪستان طرفان پراجيڪٽ مئنيجر عبدالله بلوچ پڻ شرڪت ڪئي. استادياڻين کي تربيت ايڪٽيڊ آفيس ٺل ۾ ڏني وئي، جتي ڊپٽي ڊي او پرائمري آپا خيرالنساءَ ڳالهائيندي چيو ته ايڪٽيڊ پاڪستان جو هي هڪ بهترين قدم آھي جنهن سان استادن جو سکيا ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پنج روزه ٽريننگ ڪوٺائي وئي.،جنهن سان اسان جي علائقي جي تعليم  کي هٿي ملندي ۽ تعليم جي سکيا ۾ واڌارو ٿيندو. ان موقعي تي استادياڻين ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.