مڪلي ويجھو بجلي مان باهه، 3 گهر سڙي ويا، الهه تلهه رک

ٺٽو (ڊ ر) مڪلي گرڊ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ڪارو شيدي ۾ رات دير سان اوچتو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽن پورهيتن يار محمد خاصخيلي، عبدالغفار ۽ عبدالجبار  خاصخيلي جا گهر ۽ گھر ۾ رکيل  سمورو سامان، ھنڌ بسترا، کاڌ، خوراڪ جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھ متاثر خاندان ھن وقت کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھي، جنھن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، باھ متاثرين وس وارن کان سھائتا جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.