غوثپور پوليس جي ڪارروائي، جوا کيڏڻ جي الزام ۾ 3 ڄڻا گرفتار

غوثپور (ن ع آ)  غوثپور ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي حڪم تي  ايس ايڇ او غوثپور عبدالفتاح ڏاھاڻي جي اڳوڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ڀرسان جوئا کيڏڻ جي الزام هيٺ پوليس زبير احمد محسن علي ڀيو قربان ڀيو  کي کي گرفتار ڪري ورتو سرڪاري فرياد روڪي ڪمار منيش ڪمار قربان  محسن علي  زبير احمد سميت 6 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور ٻڌايو ته  شھر ڀرسان  جوئا ڪندڙ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

ٻنون پوليس جي 2 ڦريل موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ٻنون (ن ع آ)   ٻنون ۾ ڏوھن جي وڌندڙ وارداتن کانپوء آخرڪار بيوس بڻيل ٻنون پوليس خفيه اطلاع تي ابڙال موري واري علائقي ۾ پھتي ته سندن ڏوھارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو، ٻنون پوليس جي دعويٰ موجب تقريبن يارنھن ڏينھن اڳ نامعلوم جوابدارن ھٿان ڏينھن ڏٺي جو گھر آڏو چوري ڪيل مقامي صحافي ۽ واپاري غلام مصطفيٰ سومرو جي موٽر سائيڪل ۽ ٺٽي ضلعي جي مڪلي ٿاڻي جي حد مان شھري شھباز جانوري کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل سميت 2 موٽرسائيڪلون ڏوھارين کان ڇڏايون ويون آھن، جڏھن ته ڏوھاري اونداھي ۽ گھاٽي جنگ جو فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ٺل ۾ جسقم ۽ شهرين طرفان اي سيڪشن پوليس خلاف ڌرڻو

ٺل (ن ع آ) ٺل ۾ جسقم(بشير قريشي) ۽ شهرين پاران اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي معشوق جکراڻي ۽ ننڍي منشي نثار ڪنراڻي جي بدلي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ڪامريڊ لياقت سرڪي، عباس ٻرڙو، امجد سرڪي، عددنان کوسو، بشير نوناري ۽ ٻين چيو ته ٺل اي سيڪشن ٿاڻي جي اڳوڻي وڏي منشي معشوق جکراڻي ۽ نثار ڪنراڻي اسان شهرين جا همدرد ۽ ڏکي وقت ۾ غريبن جي مدد ڪرڻ وارا آفيسر هئا، عوام دوست پوليس اهلڪارن کي بدلي ڪيو ويو آهي، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته اي سيڪشن ٿاڻي تي معطل ٿيل معشوق جکراڻي ۽ نثار ڪنراڻي کي بحال ڪيو وڃي.

مٺي- ڪراچي ٿرڪول روڊ تي لوڻ ساب ڀريل ٽرڪ ڪلٽي، 2 ڪلاڪ روڊ بند

ڪلوئي (ن ع آ) مين مٺي ڪراچي ٿرڪول روڊ تي لوڻ سان ڀريل ٽرڪ ٽائر برسٽ ٿيڻ /ڏسو صفحو 2 ڪالم 3

سبب ڪلٽي، ٿي پئي ٻه ڪلاڪ مين روڊ بند  ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن مٺي کي ڪراچي سان ملائيندڙ مين مٺي ڪراچي ٿر ڪول روڊ ٻن ڪلاڪن کان بلاڪ ٿي ويو، سوين ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر ۽ ٽرانسپورٽر پريشان رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.