ٺل ۾ رائيس ملز ليبر يونين جو اجلاس، مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جو عزم

ٺل (ن ع آ) ٺل جي سردار ذوالفقار علي خان سرڪي جي بنگلي تي رائيس ملز ليبر يونين جو اجلاس ٿي گذريو،جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ رائيس ملز جي جماندارن پاران  شرڪت ڪئي، جنهن ۾ متفق طور تي ٻن سالن جي لاءِ رائيس ملز ليبر يونين جا عهديدار چونڊيا ويا،جنهن ۾ چيئرمين عزيز الله ٻرڙو، صدر غلام قادر ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ محمد ابراهيم ڪنراڻي، سينيئر نائب صدر سکيو خان ڪنراڻي، نائب صدر محمد مراد لاشاري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ربنواز ڪنراڻي، اطلاعات سيڪريٽري ميانداد سرڪي، آفيس سيڪريٽري نيڪ لاشاري، پريس سيڪريٽري مير مولائي ۽ خزانچي رمضان ڪنراڻي کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي اجلاس ۾ مزدورن کي خطاب ڪندي صدر غلام قادر ٻرڙو،محمد ابراهيم ڪنراڻي،عزيز الله ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون،وڌندڙ مهانگائي جي ڪري پورهيت طبقو گهڻو پريشان آهي،پورهيتن جو استحصال ٿي رهيو آهي،ٺل ۾ پورهيتن کي ڪي به سهوليتون فراهم ناهن ڪيون ويون.

جماعت اهل سنت اڳواڻن جي خانڳڙھ آمد، علي گوهر مهر سان ملاقات

خانپورمهر (ن ع آ)  جماعت اهل سنت پاڪستان جي اڳواڻ ۽ جماعت الصالحين پاڪستان جي امير درگاھ حق باهو بلوچستان جي سجاده نشين پير خالد سلطان قادري خانڳڙھ گوهر پئلس پهچي جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيون ان موقعي تي سردار علي گوهر خان مهر جا ٻيا اهم اتحادي پڻ موجود هئا مانجهاندي بعد پير خالد سلطان قادري واپس روانو ٿي ويو.

گهوٽڪي ادبي سنگت جي نئين چونڊجي آيل جنرل سيڪريٽري جي مان ۾ آجياڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي پاران پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري جنرل فقير پريل دايو جي اعزاز  ۾ آجياڻي تقريب ڪوٺائي  وئي .جنهن جي صدارت نامياري محقق ۽ ليکڪ پروفيسر سرور سيف ڪئي.تقريب جي شروعات ۾  گهوٽڪي جي نوجوان راڳي  لعل بخش ٽڳڙ لاکيڻي لطيف جي وائي ڳائي خوب داد وصول ڪيوجنهن بعد پريس ڪلب گهوٽڪي جي اڳوڻي صدر فرمان علي سومرو آجياڻي تقرير ڪندي آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي، نئين چونڊجي آيل سيڪريٽڙي فقير پريل دايو کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي گلن جا هار پارايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.