ڪنڊياري ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا زخمي

ڪنڊيارو (ت ر) ڪنڊيارو ڀرسان ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي ڳوٺ ٺاروخان ڪليري وٽان ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار درٻيلو واسي سجاد لراءَ ۽ گلشير گوپانگ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڪنڊيارو سول اسپتال پهچايو ويو جتان طبي امداد بعد انهن کي ايڌهي ايمبولينس ذريعي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

سکر ۾ لغڙ جي ڏور مان پورهيت جو ڳلو ڪپجي پيو، اسپتال داخل

سکر (رپورٽر) سکر جي علائقي جيل روڊ تان گذندڙ موٽر سائيڪل سوار 45 سالن جي نديم کورکاڻي کي لغڙ جي  يميڪل واري ڏور سبب  ڳلو ڪٽي ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو آهي، محنت ڪش نجي ڪوريئر ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ هو پنهنجي گهر روهڙي طرف وڃي رهيو هو ته لغڙ جي ڪيميڪل واري ڏور سبب ڳلو ۽ چپ ڪٽجي ويا،ٻئي طرف ايم ايس ڊاڪٽر تسليم خميساڻي جو چوڻ آهي ته بروقت علاج سبب زخمي نوجوان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.