ميان صاحب ڀرسان چنگچي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ، 2 ڄڻا زخمي

ميان صاحب (ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان قومي شاهراهه تي لوڊرا ٿاڻي جي حد مين روڊ لوڊرو اسٽاپ تي بيٺل ٽريڪٽر کي چنگچي  رڪشا ڊرائيور کان بي ڪابو ٿيڻ سبب زوردار ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2  ڄڻا گلڻ سڌايو ۽ علي مراد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو .

جهل مگسي  پسٽل صاف ڪندي گولي لڳڻ سبب همراهه زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان صوبي جي شهر جهل مگسي جي ڳوٺ داون مگسي ۾ مبينا طور پسٽل صاف ڪندي گولي لڳڻ سبب 45  سالن جو ڳوٺاڻو نور الله مگسي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي ڳوٺاڻي صحافين کي ٻڌايو ته آءُ رات دير سان پنهنجي گهر ۾ پسٽل صاف ڪري رهيو هيس جتي اوچتو پسٽل مان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهيان. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي جو علاج پڻ هلندڙ هو.

ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي، پورهيت زخمي

ٽنڊي غلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان المدينه هوٽل باءِ پاس حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزر فتار ان سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ اونهي کاهي ۾ ڪلٽي ٿي پيو، نتيجي ۾ پورهيت ٻاٻو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي نظرپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي جنهن کي ويجهي ماتلي سرڪاري پهچايو، جتي زخمي پورهيت کي داخل ڪيو ويو آهي.

نصيرآباد ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، نوجوان زخمي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ڀرسان ڪانڌڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ شوڪت ڪانڌڙو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو آهي، ڳوٺ نبي بخش ڪانڌڙو جو رھواسي شوڪت علي ڪانڌڙو ھڪ معصوم ٻار ۽ عزيز عورت روبينا ڪانڌڙو سان گڏ چنگچي رڪشا تي سوار ٿي نصيرآباد شھر کان ڳوٺ نبي بخش ڪانڌڙو وڃي رھيو ھئو ته سندس ئي برادري جي ماڻھن مٿس حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو،  زخمي شوڪت ڪانڌڙو ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ پراڻو تڪرار آھي،جوابدار 1 لک رپيا روڪ ڦر به ڪري ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.