نوابشاهه لڳ پ پ اڳواڻ جي ريلي تي فائرنگ جو ڪيس داخل

نوابشاهه ( ڊ ر ) ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي ڳوٺ مسرجي واھه ۾ اڳواڻي صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار جي ريلي تي ٿيل  حملي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس درياهه خان مري ٿاڻي تي فنڪشنل ليگ ۽ جتوئي گروپ سان تعلق رکندڙ 35 ماڻهن مٿان داخل ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي ايس ايچ او درياھه خان مري ٻڌايو ته فريادي علي شان ڏاھري ۽ ايس ايچ او ڦل ٿاڻو منيم لاڙڪ جي فرياد تي جوابدار نور ڏاھري، شبير ڏاھري، اليار ڏاھري، بگو ڏاھري، ڪريم ڊکڻ، علي رضا ڏاھري، عبدالله ڏاھري، اسحاق ڏاھري، سميع الله ڏاھري، شيراز ڏاھري، انور ڏاھري، ظھير ڏاھري، افسر خان ڏاھري، خان محمد ڏاھري، وقار ڏاھري، صدام ڏاھري، ڪاشف ڏاھري، شھاب ڏاھري، منصور ڏاھري، پنھون ڏاھري، امام بخش ڏاھري، عطا محمد ڏاھري، رضا محمد ڏاهري، نصرالله ڏاھري، شھزادو ڏاھري، شير ڏاھري، منظور ڏاھري ۽ شمس الدين ڏاھري سميت 35 سڃاتل ۽ 15 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ريلي تي فائرنگ ڪرڻ ۽ پ پ پ ڪارڪنن کي زخمي ڪرڻ سان گڏ ايس ايچ او ڦل منيم لاڙڪ کي زخمي ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري 12 جوابدارن گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.