جيڪب آباد ۾ گندگي، شهري پريشان

جيڪب آباد (ڊ ر) ميونسپل انتظاميه جي عدم دلچسپي. شهر جا اڪثر روڊ رستا گهٽيون گٽرن جي ڪني پاڻي ۾ٻڏل.  رهواسين سميٿ نمازي مسجدن ڏانهن وڃڻ سبب پريشان ميونسپل عملو غائب . ڪيترائي ميونسپل ملازم ۽ صفائي عملو ويزا تي ويل شهرين احتجاج ۽ شٽر بند هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي رپورٽ موجب جيڪب آباد جي ميونسپل انتظاميه جي عدم دلچسپي ۽ نااهلي سبب شهر جي مک روڊ پوليس هيڊڪواٽر مين روڊ صوفي سچل روڊ. افضل خان کوسو روڊ اسپيشل فورس روڊ. شيدي محلا روڊ ڏنگر محلي جا اڪثر روڊ گهٽيون. سينما روڊ اسٽيشن روڊ. بسم الله پاڙي جي مک رستن سميت شهر جي ڪيترن ئي روڊن رستن گهٽين ۾ نالين گٽرن جو ڪنو پاڻي ٻاهر نڪري آيو آهي نالن ۽ نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڊسپوزل تان پاڻي موٽرون هلائي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري گٽرن جي ڪني بدبوء دار پاڻي مان هلڻ تي مجبور آهي ڪيترن ئي هيٺائين علائقن جي گهرن ۾ ڪنو پاڻي داخل ٿي ويو روڊ رستن ۽ هيٺائين علائقن ۾ تلاء جيان بيٺل پاڻي سبب موضي موضي مرضن ڪر کنيو آهي جڏهن ته شاهه غازي محلا ۾ قائم ميڊيڪل سينٽر اڳيان به گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي جڏهن ڪيترائي ماڻهو پنهنجي خرچ تي ناليون صفائي ڪرائيڻ لڳا آهن جڏهن ته روڊن رستن چوڪن چوراهن تي گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن.  هوڏانهن ذريعن موجب ميونسپل جي صفائي واري عملي جا ڪيترائي ماڻهو ٽي ايم او جي مهرباني سان ويزا تي ويل آهن ۽ ڪيترائي ملازمن شهر جي صفائي ڪرڻ بدران وڏن سياسي ماڻهن ۽ وڏيرن جي بنگلن تي ڪم ڪري پگهارون سرڪاري کڻي رهيا آهن ان ڏس ۾ شهرين گهر ڪئي آهي ته شهر جي صفائي تي ڌيان نه ڏنو ويو يا گٽرن جو بيٺل پآڻي ن ڪڍي رستا صاف نه ڪيا ويا ته شٽر بند هڙتال ڪري ميونسپل آفيس جو گهيرائو ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.