ٽنڊو غلام علي ۾ پسند پرڻي بعد زوري واپس ڪرايل ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوغلام علي(ن ع آ )ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ رحمت الله احمداڻي ۾ شادي شده 22 ورهين جي ناري حميره ڌي عبدالمبين احمداڻي گھر اندر ڪمري ۾ پسٽل سان فائر ڪري مبينه خودڪشي ڪري  ڇڏي، وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ناري جو لاش کڻائي ٽنڊوغلام علي سرڪاري اسپتال آندو جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري لاش تعلقه اسپتال ماتلي ريفر ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فوتڻ ناري جي پيءُ مبين احمداڻي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڌي شادي شده هئي پر 2 مھينا اڳ ڳوٺ جي هڪ نوجوان پرويز احمداڻي سان گھران نڪري وئي هئي، جنهن کي راڄ جي نيڪ مردن جي مدد سان  ھڪ ھفتو اڳ گھر واپس وٺي آياسين ته اڄ هن گھر اندر  ڪمري ۾ پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي, ٻئي طرف پوليس ٻڌايو ته ناري جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آهي ۽ واقعي بابت جانچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.