سکر مان چور دڪان کي کاٽ هڻي ويا

سکر( رپورٽر) سکر شهر ۾ بدامني جي باهه تي ضابطو نه اچي سگھيو، نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين روپيا روڪ رقم ۽ موبائلون چوري ڪري فرار، خبرموجب سکر شهر ۾ بدامني تي ضابطو ناهي اچي سگھيو، شهر ۾ ڦرون، ڌاڙا، چوري روز جو معمول بڻجي ويو آهي، پوليس پاران مبينا مقابلا ڪرڻ باوجود چور پوليس کان ڏاڍا بڻيل آهن، هوڏانهن سکر جي نئون پنڊ ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چورن بلاول احمد ولد غلام مصطفيٰ مغل جي پي سي او ۽ ايزي لوڊ واري دڪان مان رات جو دير سان دڪان جا تالا ٽوڙي 30 هزار روپيا روڪ رقم ۽ 5 موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.