جوهي ۾ زرعي پاڻي چوري خلاف آبادگارن جو انجنيئر خلاف مظاهرو

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي ۾ زرعي پاڻي بند ڪرڻ تي متاثرين شاخن جي آبادگارن غلام قادر رند , ميهر گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي آبادگارن  ميڊيا اڳيان دانهيو ته نئون مقرر ٿيل آبپاشي انجنيئر منڍ جي پاڻي چورن سان ملي ڀڳت ڪري اسان جي جوهي برانچ تي ڏينهن ڏٺي جو سر عام غير قانوني لفٽ مشينو پائپ لڳائي زبردستي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آھن، جنهن سبب جوهي جي پڇڙي جون هزارين ايڪڙ زمينو سڙي سڪي رهيو آھن، ڪوبه تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي، هنن چيو ته 44  ميل کان هيٺ زمينون بنجر آھن، ڪٿي به هڪ سلو ناهي ڦٽو منڍ تي سئو سيڪڙو آبادي آھي آخر ۾ ھنن اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي برانج تي قابض پاڻي چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري  44 ميل کان هيٺ پڇڙي  ۾ زرعي پاڻي فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.