خيرپور ۾ انٽري جي نالي تي پوليس جي شهرين کان ڦر مار

خيرپور (ڊر ) انٽري جي بحاني خيرپور پوليس جا ٺٺ شهر توڙي ٻهراڙي جي هر موڙ تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان انٽري ڪري ماڻهن کي  ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي غريب بي پهچ ماڻهو بيوس بڻيل تفصيل موجب لقمان جي رهواسي زبير حيدر نائچ صحافين وٽ پهچي دانهيندي چيو آهي ته گذريل رات سندس ڏاڏي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل هجڻ جي ڪري مان سول اسپتال خيرپور ڏانهن وڃي رهيو هويس  ته سول اسپتال جي روڊ تي درگاھ پنجتن ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس انٽري جي  بحاني بيٺل هئي جنهن  مون کي روڪيو ۽ پڇا ڳاڇا ۽ تلاشي ورتي ته منهنجي کيسي ۾ پيل روڪ رقم ڪڍي ورتي ۽ تشدد پڻ ڪيو. جنهن بعد مون کي پوليس موبائيل ۾ ويهاريو مان کين تعرف ڪرايو ته مان پڙهيل لکيل نوجوان آهيان. جنهن بعد مونکي ڇڏيو ڏنو پر کيسي مان ڪڍيل پئسا واپس نه ڏنا. جنھن بعد بي سيڪشن ٿاڻي تي جڏهن مان دانھن کڻي ويس  ته انهن به اهو چئي موٽايو ته معاملي کي ڏسنداسين هالي تون هتان وڃ . متاثر ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس اهلڪارن پاران شريف شهرين سان اهڙي روئي جو نوٽيس وٺندي ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.