ڪنڌڪوٽ ۾ 2 نينگريون بيمار، علاج جي اپيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪنڌڪوٽ جي مرزان پور پاڙي ۾ ٻه جوان نياڻيون پراسرار بيماري ۾ مبتلا، گهر ڀاتين پاران علاج جي سگهه نه هئڻ تي سندس پيءُ ۽ امڙ علاج ۾ مدد لاءِ چنگچي تي کڻائي لاڙڪاڻي پهچي ويا. ان سلسلي ۾ ڪنڌڪوٽ شهر جي مرزان پور پاڙي جي رهواسي شهزادو شيخ پنهنجي بيمار نياڻين 18 سالن جي سونا ۽ 14 سالن جي صاحبه شيخ کي چنگچي تي کڻائي سندن جي علاج ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شهزادو شيخ پنهنجي گهر واري عزيزان، معصوم ٻارڙن ۽ ٻين وارثن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي 18 سالن جي جوان نياڻي سونا پيٽ ۾غدود ۽ پٿري جي جڏهن ته ٻي نياڻي 14 سالن جي صاحبه جيري مٿان چرٻي جي مرض ۾ مبتلا آهي سندن جي علاج لاءِ مون گهر جو الهه تلهه وڪڻي مٽ مائٽن کان قرض وٺي سندن جو مسلسل علاج ڪرايو پر هن وقت تائين سندن جي صحت ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، ٻئي نياڻيون گهمڻ ڦرڻ لاءِ لاچار ٿي بيماري جي بستري تي پيل آهن جن مان نياڻي صاحبه جي چيلهه ڪم نه ٿي ڪري ۽ هوءَ ذهني توازن وڄائي ويٺي آهي. هن چيو ته آءُ آءِ بي يونيورسٽي ڪئمپس ڪنڌڪوٽ ۾ سوئيپر هيس نياڻين جي علاج لاءِ 40 ڏينهن ڪئمپس ۾ اوور ٽائيم ڊيوٽي ڪئي جنهن جا پئسا گهرڻ تي ڊائريڪٽر ثناءَ الله مون کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوءِ آءُ بيروزگار آهيان، بيمار نياڻين جو سکر جي اسپتال مان طبي معائنو ڪرايو جنهن تي ماهر ڊاڪٽرن سندن مڪمل علاج تي 8 لک روپين جو خرچ ٻڌايو آهي، هن وقت آءُ بيروزگار آهيان ۽ گهر ڀاتي ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهن، نياڻين جي علاج لاءِ تڪ جي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميه ۽ ٻين مٽ مائٽن وٽ ويس پر هنن به مدد کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري آءُ مجبور ٿي پنهنجي بيمار نياڻين جي علاج لاءِ کين چنگچي ۾ کڻائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چندو وٺي رهيو آهيان پر هن وقت تائين ڪنهن به نياڻين جي علاج ۾ مدد جي خاطري نه ڪرائي آهي. هن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، تڪ جي چونڊيل ايم پي اي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته بيمار نياڻين جي علاج ۾ مدد ڪري سندن جي حياتين کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.