ڀٽائي آباد ۾اڄ حضرت امام حسين عه جي ياد ۾ مجلس عزا منعقد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سنڌي وسندي ڀٽائي آباد ۾ گاڏي برادري طرفان حضرت امام حسين عه جي ياد ۾ ساليانه مجلس عزا ۽ ماتمداري جو پروگرام اڄ منعقد ڪيو ويو آهي، بي ايم بي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول وٽ پروگرام رات 9 وڳي کان شروع ٿيندو، پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ ٺيڪ 9 وڳي مولانا رجب علي صاحب مجلس پڙهندا، جيڪو رات 11 وڳي تائين جاري رهندو. مجلس جي فورن بعد ٻئي مرحلي ۾ انجمن محبان محمد وآله محمد سالار سيد وزير علي بخاري طرفان نواحه خواني ۽ ماتمداري ڪئي ويندي. جيڪو رات لڳ ڀڳ 1 وڳي تائين جاري رهندو.  ماتمداري بعد نياز امام حسين عه جو پڻ بندوبست ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.