دوڙ ڊگري ڪاليج جو ڪم ستن سالن کان رولڙي جو شڪار

دوڙ ( ن ع آ ) صوبائي وزير عذرا فصل پيجوهو جي تڪ تعلقي هيڊڪوارٽر دوڙ شهر ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ جو منصوبو ستن سالن کان تعليم کاتي جي ڪامورن توڙي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب رولڙي جو شڪار بڻيل آهي جنهن جي ڪري سوين شاگرد توڙي استاد سخت پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آھن ان سلسلي ۾ ٽي پي اڳواڻ علي لغاري، ظفر بروهي، ايس يو پي جي مجاهد رستماڻي، مانجھائي جماعت جي غلام نبي مانجھائي، سماجي اڳواڻ سعيد احمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي ڪيترن سالن کان حڪمراني ڪندڙ پ پ پ جي چونڊيل نمائندن دوڙ جي تعليم طرف ڪابه توجهه نه ڏني آهي اڄ کان ست سال اڳ دوڙ تعلقي لاءِ تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج جو ان وقت جي ايم اين اي عذرا فصل پيجوهو  سنگ بنياد  رکيو  جيڪا پنج سال ايم اين اي رهڻ بعد ٻيهر ساڳئي تڪ تان ايم پي اي چونڊجڻ بعد ٻن سالن کان وٺي صحت کاتي جي صوبائي وزير آهي پر ستن سالن کان ڊگري ڪاليج دوڙ جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي،  وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.